پير سلطان جي چوڪنڊي

پير سلطان جي چوڪنڊي: هيءَ چوڪنڊي بلڙي شاهه ڪريم (ضلعي ٽنڊي محمد خان) کان ڏيڍ ڪلوميٽر اولهه ۾ آهي. يارهين صدي هجريءَ ۾ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو شادي ڪرڻ کان پوءِ هتي اچي رهيو ۽ پنهنجي فيض سان ماڻهن کي روشناس ڪرڻ لڳو. تڏهن مخدوم نوح پنهنجي پٽ پير سلطان کي به وٽس موڪليو ته جيئن اهو به ماڻهن کي فيضياب ڪري. پير سلطان اڳتي هلي وڏي عالم ۽ بزرگ طور مشهور ٿيو. وفات کان پوءِ کيس اتي ئي دفن ڪيو ويو. سندس نالي سان هي قبرستان ’پير سلطان جي چؤڪنڊي‘ سڏجي ٿو. هتي هر سال 7 ذوالقعد تي ميلو پڻ لڳندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو